صنجل هندي

صنجل هندي: ابن نديم هن جو تذڪرو به هند جي عالمن جي بيان ۾ ڪيو ۽ لکيو آهي ته صنجل جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ‘اسرار المسائل’ آهي. ابن ابو اصيبعه ‘عيون الانباء’ ۾ لکي ٿو ته ‘صنجل’ جو شمار انهن هندستاني عالمن ۽ فاضلن ۾ ٿئي ٿو، جن کي طب ۽ نجوم ۾ مهارت حاصل هئي. ان جي هڪ ڪتاب ’المواليدالڪبير‘ آهي. صنجل هنديءَ کانپوءِ هندستان ۾ هڪ پوري جماعت پيدا ٿي، جن جي طب ۽ نجوم وغيره تي مشهور ۽ معروف تصنيفون آهن. مثلاً باکر، راجه، صڪه، ڏاهر، انڪو، زنڪل، جڀر، اندي ۽ جاري وغيره، اهي سڀ جا سڀ مصنف ۽ هندستاني سنڌ جا طبيب ۽ حڪيم هئا. علم نجوم بابت انهن اصول ۽ ضابطا به مقرر ڪيا، هند وارا انهن جي تصنيفن سان گهڻي محبت رکندا، انهن جي اتباع ڪندا ۽ انهن (جي فن ۽ علم) کي هڪٻئي تائين پهچائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو